سرمست 25

سرمست 25

سرمست 25

سرمست- 25: سرمست جي پنجويهين (25) ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي آهي، ابتدا ۾ رضوان ميمڻ D.C.O جي تصوير ۽ گذريل ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين ڏيڻ بعد هن شماري ۾ هيٺيان مقالا شايع ڪيا ويا آهن:
(1) سچل سرمست ڪي فقير الحاج ڏنـل فـقيــر (پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي)، (2) رانجهوءَ واري رمز (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) سچل جي ڪلام ۾ جوڳين ۽ سامين جو ذڪر (ڊاڪٽر هدايت پريم)، (4) سچل سائينءَ جي نگاهه- سچل جي نگاهه (نواز رڪڻائي)، (5) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي سچل شناسيءَ جو مختصر جائزو (محمد پنهل ڏهر)، (7) سچل چيو خود خدا بڻجو (ملڪ نديم)، (10) سچل سرمست جي انفراديت ۽ اهميت (تاج جويو)، (8) سچل سائين، درازا ۽ اسان جا اديب (الطاف اثيم)، (9) سچل سرمست جي مثنوين جو مختصر ذڪر (پروفيسر موهن لعل پريمي)، (10) آغا غلام نبي صوفي، سچل جو مرتب ۽ شارح (ڊاڪٽر انور فگار هڪرو)، (11) سچل جو سنيهو ۽ سنڌ جي اڪيلائپ (فياض چنڊ ڪليري)، (12) حضرت سچل سرمست جي ديوان آشڪار جو سنڌي ترجمو (مولانا عبداللطيف سڪندري)، (13) هين تون آپ الله (حزب الله آءِ. سومرو)، (14) فقير محمد شفيع عرف قلندر علي درازي (حاجي عبدالحميد سومرو)، (15) سچل سائينءَ جو عقيدو (ميان غلام حسين فاتح)، (16) سچل عشق دا پنڌ سجايا (خواجا ذوالفقار)، (17) سچل سرمست بيباڪ شاعر (انور پرديسي).
ڊيمي سائيز جي 160 صفحن تي مشتمل هن شماري جي قيمت 50 روپيا آهي ۽ هن جي اشاعت 2004ع ۾ سچل سرمست يادگار ڪميٽيءَ ڪئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو